انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان ??رڪ پرڏيهي وزير ميولود چائوش اولو اڄ اربع ڏينهن ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪي جي اعليٰ قيادت شريڪ هئي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم اڄ اربع ڏينهن صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم کي صدارتي محل ۾ ??رڪ صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات لاءِ ??رڪ روايتن موجب جانثاري دستي جي حصار ۾ ورتو ويندو، وزيراعظم جو گارڊ آف آنر سان شاندار استقبال ڪيو ويندو. وزيراعظم پاڪستان ۽ ??رڪ صدر جي ملاقات ک??نپوءِ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿيندي جنهن کانپوءِ ٻئي اڳواڻ ميڊيا سان ڳالهائيندا. وزيراعظم شهباز شريف جو ترڪي جي ٽن ڏينهن جي دوري تي آهي، وزيراعظم شهباز شريف مصطفيٰ ڪمال اتا??رڪ جي مزار تي حاضري به ڏيندو.