اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ۾ توسيع ڪندي وڌيڪ 4 وزير شامل ڪيا ويا آهن جن ايوان صدر ۾ منعقد هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ حلف ک??يو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن کان حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، سول ۽ فوجي عملدارن، حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. وفاقي ڪابينا ۾ جن نون وزيرن کي شامل ڪيو و??و آهي انهن ۾ ميان جا??يد لطيف، آغا حسن بلوچ ۽ چوڌري سا??ڪ حسين کي وفاقي وزير بڻايو و??و آهي جڏهن ته محمد هاشم نوتيزئي کي مملڪتي وزير جي حيثيت سا?? ڪابينا ۾ شامل ڪيو و??و آهي. ان کان اڳ 19 اپريل تي پهرين مرحلي ۾ ڪابينا ۾ 30 وفاقي وزيرن ۽ 3 مملڪتي وزيرن کي شامل ڪيو ويو هو. ڪابينا ۾ اڳ ۾ ئي 3 صلاحڪارن ک?? به شامل ڪيو و??و آهي. وفاقي ڪابينا جي حلف برداري کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين ۽ ٻين اتحادي پارٽين جي سربراهن سا?? ڪابينا جي جوڙجڪ جي لاءِ مشاورت ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ڪابينا کي حتمي شڪل ڏني وئي هئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد شهباز شريف 11 اپريل تي ملڪ جي نئين وزيراعظم جي حيثيت سا?? حلف ک??يو هو، ان کان اڳ قومي اسيمبلي محمد شهباز شريف ک?? 174 ووٽن سا?? پاڪستان جي 23 هين وزيراعظم جي حيثيت سا?? چونڊيو هو.