اسلام آباد – 21 R11; اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شر??ف سان عوامي نيشنل پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر امير حيدر خان هوتي ۽ ايمل اسفنديار ولي ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ اڳوڻو قومي اسيمبلي ميمبر حاجي غلام احمد بلور پڻ شامل هئا. ملاقات ۾ شرڪت ڪ??دڙ?? وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ان کانسواءِ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.