اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف چيو آ??ي ته 3 اپريل تي ج??ڪو ڪجهه ڪيو ويو اهو غير آئيني هو، عمران خان آئين کي تباهه ڪيو، پي ٽي آءِ غداري ۽ بغاوت جا الزام لڳايا، معاشري ۾ تمام گهڻو بگاڙ آندو ويو، پهريان به چيو هو ۽ هاڻي به چوان ٿو نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽيءَ جو فيصلو عوام آڏو آ??دو وڃي، اڄ پاڪستان کي بچائڻو آ??ي ته آئين جي بالادستي ڪرڻي پوندي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. شهباز شريف چ??و ته اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ آهي، سڄي قوم جون نظرون هن وقت عدالت تي ??هن?? اميد ڪريون ٿا ته سپريم ڪورٽ ان ڪيس ۾ جلد فيصلو ڏيندي، جج پاڪستان جي آئين ۽ سلامتيءَ تي آنچ آڻڻ نه ڏيندا، هن چ??و ته هٽلر نازي هو پر عمران خان نيازي آهي، عمران خان 3 اپريل تي ج??ڪو ڪجهه ڪيو اهو غير آئيني هو، تحريڪ انصاف وارن بغاوت ۽ غداريءَ جا الزام لڳايا، شهباز شريف چ??و ته عمران خان جون معاشي تباهيون ۽ برباديون گهڻيون ٿي ويون ??هن?? معاشي بدحالي، مهانگائي ۽ بيروزگاري پاڪستان کي ڏهاڪا پٺيان ڪري ڇڏيو آ??ي، قوم جو جيڪو معاشي نقصان ٿي رهيو آ??ي ان کي بچائڻو آ??ي، هر هنڌ ان جو مقابلو ڪنداسين. شهباز شريف چ??و ته هتي ته خط جو جواز ڄاڻايو ويو، پنجاب اسيمبليءَ ۾ ڪهڙو خط هو جو اربع ڏينهن پنجاب اسيمبليءَ کي تالا لڳايا ويا، آئين ۽ قانون جون ڌڄيون اُڏايون ويون. هن چ??و ته جهانگير ترين گروپ ۽ عليم خان گروپ جو شڪرگذار آهيان، حمز?? شهباز کي 199 ووٽ مليا ??هن?? حمز?? شهباز مقرر ڪيل ووٽن کان 13 ووٽ وڌيڪ کنيا.