راولپنڊي – 05 – اپريل (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باوجوه سان پاڪستان ۾ ني??ال جي سفير تا??س اڌيڪاري جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرف?? لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي موجب آرمي چيف ان موقعي تي چيو ته پاڪستان گڏيل مفادن جي بنياد تي ني??ال سان ڊگهي مد?? ۽ گهڻ رخي شعباجات?? لاڳاپن کي وڌائڻ چاهي ٿو، هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ سمورن علائقائي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. معزز مهمان علائقائي استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان هر سطح تي سفارتي تعاون ۾ وڌيڪ بهتر?? لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.