اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بيمارين جي روڪٿام لاءِ ڪميونٽي کي شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسپتال، ميڊيا ۽ ڪميونٽي ماڻهن ۾ بيمارين کان بچاءُ جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي، اسلام آباد جي سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وائس چانسلر پروفيسر تنوير خالق، سينيٽ جي ميمبرن ۽ سينئر عملدار?? شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وائيس چانسلر پاران يونيور??ٽي جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي به بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ مستقبل جي هدفن، نئين تعليمي پروگرامن ۽ جاري منصوبن تي اڳڀرائي تي به روشني وڌ?? وئي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بيمارين جي روڪٿام لاءِ ڪميونٽي کي شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسپتال، ميڊيا ۽ ڪميونٽي ماڻهن ۾ بيمارين کان بچاءُ جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪري. هن چيو ته يونيور??ٽي انتظاميه عالمي معيار موجب ميڊيڪل پروفيشنل پيدا ڪري، يونيور??ٽي اعليٰ معيار جي تحقيق تي به خصوصي ڌيان ڏي.