اسلام آباد ?? 11 – مارچ (اي پي پي) روس جي مسلمان اڪثريتي علائقي چچنيا جي صدر رمضان ڪادروف گڏيل قومن ۽ عالمي فورمن تي اسلامو فوبيا بابت وزيراعظم عمران خان جي موقف کي ساراهيندي چيو آهي ته روس جا مسلمان کيس وڏي ع??ت ۽ احترام جي نظر سان ڏسن ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي نالي پنهنجي خط ۾ چيچنيا جي صدر چيو ته گڏيل قومن ۽ عالمي فورمز تي پنهنجي دين بابت توهان جي موقف تي ٿورن جي اظهار لاءِ ??و ذاتي طور تي وزيراعظم سان ملاقات لاءِ بي تاب هو، چيچن صدر تازي روس جي د??ري دوران وزيراعظم سان ملاقات تي سندس ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته روس جا 30 لک مسلمان کيس ”وڏي ع??ت ۽ احترام“ جي نگاهه سان ڏسن ٿا. صدر ڪادروف چيو ته هو روس ۾ وزيراعظم جي لاءِ ??ر طرح جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آهي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو اسان کي پنهنجي فرض شناس ۽ فرمانبردار انسانن ۾ شمار ڪري، الله جي دين ۽ اشاعت اسلام، دفاع ۽ جدوجهد لاءِ اسان هر طرح جي خدمت لاءِ حاضر آهيون، اسان توهان کي روس جي ايندڙ د??ري جو بي چيني سان انتظار ڪنداسين.