اسلام آبا?? – 03 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلوچستان جي علائقن پنجگور ۽ نوشڪي ۾ فوجي ڪي??پن تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي، مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ دهشتگ??دي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر جواب ۾ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ويو، دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون ايئن ئي ناڪام بڻائيندا رهنداسين، فرخ حبيب چيو ته هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز مڪمل طور تي الرٽ آهن، سڄي قوم ملڪ جي حفاظت دوران جانين جو نذرانو پيش ڪندڙن کي سلام پيش ڪري رهي آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته دهشتگ??دي جي هڪ واقعي ۾ شهي?? ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي بلند درجن لاءِ دعاڳو آهيان