اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته پاڪ چين حصيداري بين الرياستي لاڳاپن ۾ بي مثال آهي، اڻٿڪ گڏيل حمايت، هڪ ٻئي تي اعتماد ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي ا??ان جي دوستي جي تاريخ منفرد حيثيت رک?? ٿي جنهن کي گذريل 7 ڏهاڪن کان نسل درنسل ا??ان ج?? قيادت ۽ عوام مسلسل پروان چاڙهيو آهي، اهو گڏيل ڀائيچارو هڪ مضبوط ۽ فعال سدابهار تزويراتي مددگار حصيداري ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. اها ڳالهه هن ناليواري چيني اخبار گلوبل ٽائيمز ۾ شايع ٿيندڙ هڪ مضمون ۾ چئي. وزيراعظم چيو ته ا??ان جا رابطا عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي جي لاهن چاڙهن کان قطعي نظر آزمايل ۽ هر وقت آهن. گذريل سال ا??ان جي سفارتي لاڳاپن ج?? قيام جي 70 هين سالگرهه ملهائڻ لاءِ عظيم الشان تقريبن ا??ان جي دوستي کي نئين قوت ۽ ولولو ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ا??ان جي لاءِ چين ??ان لاڳاپا ا??ان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهن، جنهن کي سياسي حمايت حاصل آهي ۽ آئون اها ڳالهه پوري اعتماد ??ان چئي سگهان ٿو ته ا??ان جي عوام ان دوستي جي حقيقي قدر جو ڀرپور ادراڪ رک?? ٿي ۽ ان جي وڌيڪ فروغ لاءِ جذبي ??ان پنهنجو ڪردار ادا ڪر?? ٿي. وزيراعظم ??مران خان چيو ته هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سرمائي اولمپڪ گيمز جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ چين جو دورو ڪندو. هو پاڻ هڪ رانديگر هجڻ جي ناطي ان جذبي کي سمجهي ٿو جيڪو هڪ قوم ۾ اولمپڪس جهڙين راندين جي مقابلي ??ان پيدا ٿئي ٿو، آئون سمجهان ٿو ته رانديون يڪجهتي جو عنصر هونديون آهن ۽ اهي سياست کان مٿانهون هجڻ گهرجن. وزيراعظم ??ن وڏي ايونٽ جي ميزباني تي چين ج?? قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ سمورن شرڪت ڪندڙن جي صحت ۽ تحفظ ۽ ڪامياب راندين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.