بخارسٽ – 10 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان رومانيا سان وسيع البنياد ۽ نتيجاخيز لاڳاپا قائ?? ڪرڻ جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن بخارسٽ ۾ رومانيا جي وزيراعظم نڪولائي چيوڪا سان ملاقات دوران چئي. وزيراعظم رومانيا جي چيف آف پروٽوڪول پرڏيهي وزير ??ي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير ??ومانيا جي وزيراعظم نڪولائي چيوڪا کي وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني قيا??ت پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ تاريخي ۽ خوشگوار لاڳاپن تي روشني وڌي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان رومانيا سان وسيع البنياد ۽ نتيجاخيز لاڳاپا قائ?? ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ تازي بهتري ٻنهي ??لڪ?? جي قيادت جي ويزن جو اظهار آهي. پرڏيهي وزير ??ومانيا پاران ڪورونا وائرس جي وبائي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ کنيل موثر قدمن کي ساراهيو ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ رومانيا جي حڪومت پاران ڪوويڊ جي خاتمي واري ويڪسين جون 500000 خوراڪن جي تحفي جي ا??لا?? تي وزيراعظم نڪولائي چيوڪا جا ٿورا مڃيا. رومانيا جي وزيراعظم افغانستان جي ڏس ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ رومانيا جي شهرين جي انخلا ۾ اسلام آباد پاران فراهم ڪئي ويندڙ مدد کي ساراهيو. رومانيا جي وزيراعظم سان ملاقات دوران پرڏيهي وزير ??هم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي خاص طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ صورتحال جي سنگيني ۽ افغانستان جي ڏس ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير يورپي يونين ۾ پاڪستان جي لاءِ جي ايس پي پلس جي حوالي سان رومانيا جي حمايت کي ساراهيو. رومانيا جي وزيراعظم مسٽر نڪولائي چيوڪا پرڏيهي وزير کي رومانيا اچڻ تي ڀليڪار چوندي نيڪ خواهشن جي اظهار تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا.