اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ??ه باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان کي اسل??مي فلاحي رياست بڻائڻ جو ويزن ڏنو، وزيراعظم عمران خان قائداعظم ??ي مشن جي نگهباني ڪري رهيو آهي، عمران خان اهڙو پاڪستان بڻائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي ??يڪو ماڊرن ۽ ترقي پسند ملڪ هجي ۽ اسل??مي دنيا کي ليڊ ڪري. اها ڳالهه هن قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ جو ويزن ڏنو، پ??ڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ جي نالي تي ٺهيو. وزيراعظم عمران خان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي نقش قدم تي هلندي ملڪ کي اسل??مي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ اسان نئون پاڪستان جي ڳالهه ڪريون ٿا ته هي ??هو ئي خواب آهي ??يڪو علامه محمد اقبال ڏٺو جنهن کي قائداعظم محمد علي جناح پڄاڻي تي پهچايو. هن چيو ته اسان جا سمورا قدم قائداعظم جي سوچ جو عڪاس آهن، اهو ئي اهو پاڪستان آهي ??نهن جي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جدوجهد ڪري رهي ??هي. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عامر محمود ڪياني ۽ سينيٽر سيف الله نيازي قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي هنن قوم کي قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه ۽ مسيحي برادري کي ڪرسمس ??ي مبارڪباد ڏني.