اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڄ پاڪستان پنهنجي موثر سفارتڪاري جي ڪري پوري دنيا جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، هن اها ڳالهه اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ اطلاعات واري وزارت جي سينئر آفيسر?? جي اعزاز ۾ پرڏيهي وزارت ۾ ڪيل چانهه جي اهتمام جي موقعي تي چئي. ان موقعي تي و??ير??عظم جي خاص مددگار علامه طاهر اشرفي، پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهده، پي آءِ ا?? سهيل علي خان، ايڪسٽرنل پبلسٽي جي ڊائريڪٽر جنرل عنبرين جان، اي پي پي جي ايم ڊي مبشر حسن، پي ٽي وي جو ايم ڊي عامر منظور، ايگزيڪيٽو پروڊيوسر عون ساهي، و??ير??عظم جو ڊجيٽل ميڊيا بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلان خالد، جي ايم ڊجيٽل ميڊيا ونگ عمران غزالي ۽ پرڏيهي وزارت جي سينئر آفيسرن به شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير 19 ڊسمبر تي او آءِ سي جي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۽ ا?? جي ارادن ۽ مقصد?? جي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ موثر تشهير تي اطلاعات واري وزير چوڌري فواد حسين ۽ سندس پوري ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ا?? جي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته الله رب العزت و??ير??عظم عمران خا?? جي قيادت ۾ پاڪستان کي هڪ تاريخي، سفارتي ڪاميابي سان نوازيو، افغانستا?? جي حوالي سان منعقد او آءِ سي جي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي ۽ اڄ پاڪستان پنهنجي موثر سفارتڪاري جي ڪري پوري دنيا جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان مارچ 2022ع ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني ڪرڻ لاءِ به پرعزم آهي.