اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جو آئين پنهنجي شهرين کي ذات، رنگ، يا نسل سان قطع نظر آزادي جي ضمانت ڏي ٿو، حڪومت پاڪستان انساني حقن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ پرعزم آهي ۽ رياست جي هر شهري جي آزادي، وقار ۽ عزت نفس جي تحفظ لاءِ ڪوششون جاري رکندي، اسان کي عورتن جي حقن کي ??قيني بڻائڻ کانسواءِ خصوصي ماڻهن کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. انساني حقن جي عالمي ڏينهن 10 ڊسمبر 2021ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ??در چيو ته انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ هر سطح تي انساني حقن جي فروغ لاءِ اسان جي پختي عم جي نشاندهي ڪري ٿو، نساني وقار کي برقرار رکڻ، انساني حقن جو تحفظ ۽ انساني آزادي ۽ برابري کي ??قيني بڻائڻ اسان جي مذهب ۽ آئين جا ڪجهه بنيادي اصول آهن.
هن چيو ته هن سال جي انساني حقن جي ڏينهن جو ٿيم ”برابري“ ۽ يو ڊي ايڇ آر جي آرٽيڪل 1 – ”سمورا انسان آزاد پيدا ٿيا آهن ۽ وقار ۽ حقن ۾ برابر آهن“ بابت آهي، هن چيو ته برابري ۽ عدم امتياز جا اصول انساني حقن جي سڃاڻپ آهن. برابري، جامعيت ۽ عدم امتياز تي ٻڌل موقف اڻبرابري کي گهٽ ڪندو آهي ۽ معاشري ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي حاصل ڪرڻ ?? مدد ڪندو آهي. ??در چيو ته پاڪستان جو آئين پنهنجي شهرين کي ذات رنگ يا نسل کان قطع نظر آزادي جي ضمانت ڏي ٿو. حڪومت پاڪستان انساني حقن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ پرعزم آهي ۽ رياست جي هر شهري جي آزادي، وقار ۽ عزت نفس جي تحفظ جي لاءِ ڪوششون جاري رکندي. هن چيو ته معاشري جي ڪمزور ۽ پوئتي پيل طبقن جي تحفظ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت جو ادراڪ ڪندي حڪومت انساني حقن جي تحفظ کي ??قيني بڻائڻ لاءِ موثر قانوني، معاشي ۽ سماجي ڍانچو قائم ڪرڻ ج??ل اءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ??در چيو ته اها ڳالهه حوصلي واري آهي ته حڪومت نوجوانن، عورتن ۽ معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ مختلف قدم کنيا آهن، اسان کي عورتن جي وراثت جي حقن کي ??قيني بڻائڻ کانسواءِ خصوصي ماڻهن کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. ??در عارف علوي چيو ته آئون اڄ ان موقعي تي غير قانوني طور تي ڀارتي والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي آزادي جي جدوجهد جي حمايت لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو، اسان مسلسل فوجي لاڪ ڊائون، ڪرفيو ۽ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 80 لک کان وڌيڪ ڪشميرين جي بنيادي انساني حقن کي دٻائڻ تي پنهنجي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪريون ٿا، ??در چيو ته ان ڏينهن آئون عالمي برادري کان مطالبو ڪريان ٿو ته هو اڳتي اچي ۽ غيرقانوني طور تي ڀارتي والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي انساني حقن جي تحفظ ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ان جي خودمختياري واري حق لاءِ پنهنجو ڪردار ??دا ڪري، هن چيو ته آئون گڏيل قومن جي ادارن، غير سرڪاري تنظيمن ۽ ميڊيا کي به ساراهيان ٿو ته هو اسان جي ماڻهن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي اڳتي وڌائي رهيا آهن.