اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مهانگائي ??و بنيادي سبب درآمدي ناڻي واڌ آهي، بدقسمتي سان اس??ن جي ملڪ جو نظام اشرافيا جي لاءِ آهي، انصاف، تعليم، قرض سميت سڀئي ??هولتون اميرن ۽ اشرافيا لاءِ هيون، حضرت محمد ﷺ پهر??ن فلاحي رياست ٺاهي پوءِ خوشحالي آئي، ماضي ۾ اختيار ڪيل اهو تصور غلط هو ته پهرين پئسا اچن ۽ پوءِ فلاحي رياست ٺاهينداسين، انسانيت ۽ انصاف سولائيزيشن جو بنياد آهي، عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ سئو سيڪڙو اضافو ٿيو پر اس??ن ليوي ۽ ??يل?? ٽيڪس ۾ 400 ارب روپين جو ساليانو خسارو برداشت ڪري صرف 22 سيڪڙو اضافو ڪيو، قيمتن ۾ اضافي جو اس??ن کي احساس آهي، انهي لاءِ ايندڙ ڏينهن ۾ ڪمزور طبقن کي ٽاگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ وڃي رهيا آهيون. هو ڪامياب پاڪستان پروگرام جي جاري ڪرڻ جي موقعي تي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي ناڻي وارو وزير، وزيراعظم جو نوجوانن واري معاملن وارو خاص مددگار عثمان ڊار، پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انوار علي حيدر به خطاب ڪيو. وزيراعظم ناڻي واري وزير شوڪت ترين ۽ ان جي ٽيم کي ڪامياب پاڪستان پروگرام جي آغاز تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهو پروگرام 74 سال پهرين شروع ٿ??ڻ گهرجي ها، اس??ن جي اها سوچ غلط هئي ??ه پهرين پئسا اچن ۽ پوءِ فلاحي رياست ٺاهينداسين، وزيراعظم چيو ته مديني جي رياست جي ڳالهه اس??ن دنيا جي ڪامياب ترين ماڊل جي ڪري ڪندا آهيون، اهو تاريخ جو حصو آهي اها هڪ حقيقت ۽ تاريخ آهي ته هڪ اهڙي تهذيب جنهن جي ڪا حيثيت نه هئي، هو دنيا جي امام بڻجي وئي.وزيراعظم چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي سنت ۽ شريعت جي پيروي جو حڪم اس??ن جي بهتري لاءِ آهي، جيڪڏهن اس??ن ان کي اختيار ڪنداسين ته اس??ن جو پنهنجو ڪردار بهتر ٿيندو، وزيراعظم چيو ته مديني ۾ پهر??ن فلاحي رياست ٺاهي وئي ۽ پوءِ خوشحالي آئي، هن چيو ته چين ۽ هندستان 3، 4 ڏهاڪا اڳ برابر هئا، پر اڄ چين ڀارت جي مقابلي ۾ ترقي جي رستي تي تمام اڳتي نڪري چڪو آهي، چين مديني جو ماڊل اختيار ڪيو، پنهنجي ڪمزور طبقن کي مٿي کنيو، غربت جو خاتمو ڪيو انهن ماڻهن لاءِ ڊگهي مدي واري پروگرام ٺاهيا، چين جيتري آبادي غربت مان ڪڍي ان جو دنيا ۾ مثال نٿو ملي. وزيراعظم چيو ته اس??ن جي مثالي اسلامي فلاحي رياست ٺاهڻ لاءِ جيڪو بنيادي اصول اختيار ڪرڻ گهرجي ها ان تي طرف ڌيان نه ڏنو ويو. بدقسمتي سان اس??ن جو ملڪ هڪ مخصوص اشرافيا جو ملڪ بڻجي ويو، اس??ن جي تعليمي نظام ۾ هڪ مخصوص طبقي لاءِ موقعا هئا، اس??ن هڪ هڪجهڙو تعليمي نصاب آڻي رهيا آهيون ان تي تنقيد ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي. انصاف، تعليم، قرض، صحت جون سهولتون سڀ اشرافيا جي لاءِ هيون، وزيراعظم چيو ته 1700ع ۾ هندستان جو جي ڊي پي 24 سيڪڙو هو، اتي اميرن ۽ عام ماڻهو جي زندگي جي معيار ۾ واضح فرق هو، اميرن جي جزيرن ۽ غريبن جي سمنڊ سان گڏ ڪو به معاشرو ڪامياب نٿو ٿي سگهي، وزيراعظم چيو ته اس??ن جي ڪوشش آهي ته پنهنجي وچولي طبقي کي مٿي آڻيون ان جي لاءِ هائوسنگ جي شعبي ۾ فنانسنگ جو مشڪلاتون ختم ڪيون، ڪمرشل بئنڪن وٽ انفرااسٽرڪچر۽ تربيت جي گهٽتائي ??ي ڪري اس??ن ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي مائيڪرو فنانس جي تصور سان اتفاق ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام هڪ سنگ ميل ٿيندو، عام ماڻهو جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ قدمن سان برڪت ايندي آهي، شوڪت خانم ڪينسر اسپتال ٺاهڻ جو مقصد غريب ماڻهو کي علاج جي مفت سهولت جي فراهمي هو، ان وقت اس??ن کي چيو ويو ته جيڪڏهن 50 سيڪڙو کان وڌيڪ غريب مريضن جو مفت علاج ڪيو ويو ته اسپتال بند ٿي ويندي، اس??ن 70 سيڪڙو مريضن جو مفت علاج شروع ڪيو هر گذرندڙ سال اس??ن کي پاڪستانين پاران ملندڙ عطئي ۾ اضافو ٿيو، هر سال 90 ارب روپيا مفت علاج تي خرچ ٿي رهيا آهن، اها الله جي برڪت آهي، غريبن جو دعائون الله ٻڌندو آهي، اس??ن ماضي ۾ ڪمزور ۽ غريب طبقي لاءِ نه سوچيو، حڪومتي نظام اشرافيا لاءِ بڻجي چڪو آهي، ان کي تبديل ڪرڻ تي مزاحمت ٿيندي آهي، وزيراعظم چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام ۾ ايندڙ مسئلن جي مانيٽرنگ لاءِ نظام هجڻ گهرجي، وزيراعظم چيو ته حڪومت غربت کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري طرح ڪوششون ڪري رهي آهي، دنيا ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ سئو سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته اس??ن 22 سيڪڙو اضافو ڪيو جن ملڪن ۾ تيل جي پيداوار آهي ان کانسواءِ تيل درآمد ڪندڙن ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ سڀني کان گهٽ اضافو اس??ن ڪيو، ڪڻڪ ۾ دنيا ۾ ستٽيهه سيڪڙو اضافو ٿيو، اس??ن صرف 22 سيڪڙو اضافو ڪيو، دنيا ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 40 سيڪڙو جڏهن ته اس??ن 21 سيڪڙو اضافو ڪيو، قرضن جي باوجود اس??ن ڪمزور طبقي تي گهٽ کان گهٽ بار وڌو، پيٽروليم مصنوعات تي ??يل?? ٽيڪس ۽ ليوي ۾ گهٽتائي ڪئي، ان سان ساليانو 40 ارب روپيا خسارو برداشت ڪيو، ان جي مقابلي ۾ هندستان ??يل?? ٽيڪس ۽ ليوي ۾ گهٽتائي نه ڪئي، وزيراعظم چيو ته اس??ن کي قيمتن ۾ اضافي جو احساس آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ٽارگيٽيڊ سبسڊي آڻي رهيا آهيون جنهن تحت روزمره جي اس??عمال جي شين تي 40 سيڪڙو سبسڊي ڏينداسين، وزيراعظم چيو ته اس??ن 70 سيڪڙو گيهه درآمد ڪندا آهيون، درآمدي ناڻي واڌ جي ڪري مهانگائي ??هي.