اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت جي دور ۾ ادارا آزاد آهن، آد??شم??ري لاءِ سڀئي لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين چونڊ عمل ۾ شفافيت آڻيندي. هن اه??ن خيالن جو اظهار متحده قومي موومينٽ جي وفد سان ڳالهائيندي جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.
وفد ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وزير سيد امين الحق، خالد مقبول صديقي ۽ سينيٽر فيصل سبزواري شامل هئا. ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر به موجود هو، ملاقات ۾ آد??شم??ري ۽ سنڌ ۾ جاري وفاقي حڪومت جي ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. وفد وفاقي حڪومت جي ??راچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ انفرااسٽرڪچر جي بهتري لاءِ منصوبن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته حڪومت ۽ اتحادي پارٽيون گڏجي سنڌ ۽ خاص طور ڪراچي جي ترقي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري رهيُون آهن.
وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ ادارا آزاد آهن، آد??شم??ري لاءِ سڀني لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين چونڊ عمل ۾ شفافيت آڻيندي، پاڪستان ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ??ونڊ عمل تي مثبت اثرن جي باري ۾ آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي.