اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو احترام پنهنجي جڳ??ه تي پر شخصيتن جي سياسي ڪردار تي ڳالهه ڪرڻ پسند ناهي ته پنهنجو رويو غيرسياسي رکو، نوٽيس آيو ته تفصيلي جواب ڏيندس. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بحيثيت اداري اليڪشن ڪميشن جي حيثيت مڃيل آهي پر شخصيتون غلطين کان پاڪ نه آهن ۽ تنقيد شخصيتن جي روي?? تي ٿيندي آهي، ادار?? تي نه.