اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وبا ۽ ماحولياتي ??بديلي جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي، ڪورونا وبا جي عا??مي سطح تي ??وڪٿام لاءِ ??يڪسينيشن جي عمل ۾ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪئي وڃي، پاڪستان ماحولياتي ??بديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، پاڪستان ماحولياتي ??بديلي جي اثرن تي ??ابطو آڻڻ جي لاءِ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو منصوبو شروع ڪيو آهي، اسان کي ڪورونا وبا جي ٽئين لهر درپيش آهي، ان لهر کي به شڪست ڏينداسين، عا??مي برادري کي اها ڳالهه يقيني بڻائڻ گهرجي ته ويڪسين هر جڳهه، هر ڪنهن جي لاءِ ۽ جلد کان جلد ستياب هجي، ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي رستي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ گهرجن، ترقي يافته ملڪ پيرس معاهدي تحت پنهنجا واعدا پورا ڪن، اسرندڙ ملڪن مان چوري ٿ??ل اثاثا فوري ۽ غيرمشروط طور واپس ٿيڻ گهرجن، اسان کي گڏجي غيرمشروط طور هڪ نئين، پرامن، برابري ۽ پائيدار عا??مي نظام جي لاءِ تعاون ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي ترقي جي لاءِ ??الي مدد بابت اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل فورم جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.