اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف ??ي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته 23 مارچ اسان جي قومي تاريخ جو اهو شاندار ڏينهن آهي جڏهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن ڌار وجود ۽ الڳ سڃاڻپ سان اڳتي وڌ?? جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. انهي ڏينهن الڳ ملڪ حاصل ??رڻ لاءِ عملي جدوجهد جو باقاعده آغاز ٿيو. پاڪستان جي ڏهاڙي جي مناسبت سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ ان عهد کي ورجائڻ جو ڏينهن آهي ته اسان پاڪستان کي قاعدا??ظم جي سنهري اصولن موجب فلاحي رياست بڻائينداسين.