پشاور – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اي پي ايس پشاور سانحي پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو، دهشتگردي جي ان افسوسناڪ واقعي جي ڪري دل اڄ به ڏکويل آهي، ماڻهن کي صحت جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ذميداري آهي، خيبرپختونخوا حڪومت جو سمورن شهرين کي مفت علاج جي سهولت ڏيڻ انتهائي اهم قدم آهي، پوئتي پيل گهراڻن ۾ بيماري جي ڪري سڄو خاندان غربت ۾ هليو ويندو آهي، اسپتالن ۾ سڌارن جو م??صد سهولتن کي بهتر بڻائڻ آهي، سرڪاري اسپتالن جو معيار به اهڙو هجڻ گهرجي ته هو نجي اسپتالن جو مقابل?? ڪري سگهن، حڪومت وٽ ته ايترا وسيلا نه آهن ته هو پوري ملڪ ۾ اسپتالون ٺاهي، ??يل?? ڪارڊ جاري ڪرڻ صحت جي شعبي ۾ انقلاب آڻيندو، اسپتالن ۾ سڌارن جو م??صد نجڪاري نه پر ماڻهن کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انتظامي معاملن کي بهتر بڻائڻ آهي، ڪنهن اداري ۾ جيڪڏهن سزا ۽ جزا جو عمل نه هوندو ته اهو ڪامياب نه ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور انسٽ??ٽي??وٽ آف ڪارڊيالوجي جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.